ڀوڏيسر جو مندر

ڀوڏيسر جو مندر

ڀوڏيسر مندر 2

ڀوڏيسر مندر 2: هي مندر ڀوڏيسر، ننگرپارڪر ۾ آهي. ھتي مندرن جو ميڙ آھي. مٿاڇري تي ٺڪراٺو پکڙيل آھي. اڏاوتن جا به ڪجهه نشان مليا آھن. جيڪي پٿراين ڀتين جي پيڙهه جا آھن. اھي مندر گوڙيءَ واري مندر جھڙا آھن. ھي مندر 42.9x39.9 فوٽن جو آھي. مندر جي مٿان ھڪ وڏو گنبذ ۽ 26 ننڍا گنبذ ٺھيل آھن. وڏي گنبذ جو گھيرو 54.4 فوٽن جو آھي ۽ اوچائي 8.2 فوٽ آهي، جڏھن ته ٻيا قطار ۾ ٺهيل ننڍا گنبذ مختلف ماپن جا آھن. ڪي 12.6 فوٽن ته ڪي 16 فوٽن جا آھن، قطار ۾ ٺھيل آھن. انھن مان 7 گنبذ (cupola) وڏي گنبذ جي اتر ۾، 3 ڏکڻ ۾، ۽ 8 اوڀر ۾ ٺھيل آھن. منڊپ جي لنگهه وٽ اَٺن ڏاڪن سان ڏاڪڻ ٺھيل آھي، جيڪا مٿي 15.8 فوٽ ماپ جي آھي. منڊپ وارو ڪمرو 42.9 فوٽ ڊگھو، 39.9 فوٽ ويڪرو ۽ 17.9 فوٽ اوچو آھي. ڇت کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ ڪمري اندر 20 پيل پاوا ٺھيل آھن. پيل پاوا ڊگھا، بنياد وٽ 2.10 چورس ۽ ويڪرا، چوٽي وٽ 1.1 فوٽ ويڪرا، گھوڙين سان ٺھيل آھن. منڊپ جي اولهه ۾ 10 ننڍيون ڪوٺيون (cells) ٺھيل آھن. تن مان وچئين ڪوٺيءَ جي دروازي وارو لنگهه 2.6 ويڪرو، 9.9 زمين جي مٿاڇري کان اوچو ۽ 5.2 فوٽ ڊگھو آھي. مندر جي اوڀر- اتر ۾ 3.9 فوٽ ويڪرو، 42.9 فوٽ ڊگھو ۽ 3 فوٽ اوچو ٿلھو ٺھيل آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو